Reasons of education destruction in our country



اڄ ڪل جتي ڪٿي اها لٽ لڳي پئي آهي ته تعليم جي تباهي جو ڪارڻ استاد ۽ والدين آهن.
آئون هڪ ناقص علم رکندڙ شخص ڪجهه تعليم جي تباهي جي حوالي سان منهنجي ريسرچ ۽ وضاحت توهانجي پيش نظر ڪندو هلان،  ته اڄ تعليم جي تباهي جو ڪارڻ هي آهن.
 1: نصاب
 2: غربت
 3: ناقص سهولتون
 4: پرائيويٽ اسڪولز
 5: اين جي اوز جي مداخلت
وضاحت
1: نصاب کي فضول مواد کان پاسيرو ڪري ٻار جي معيار مطابق رکيو وڃي ڇو ته جيڪو وزن هڪ اٺ کڻي سگهي ٿو اوترو وزن ٻڪري ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهندي پو جيڪڏهن ٽارچر ڪري مجبور ڪري ان مٿان مڙهيو ويندو ته ٻڪري ٻي ٻي ڪري ڏيه کان ئي ڏور ٿيندي.

2: دوستن جي ريسرچ مطابق والدين قصور وار آهن نه دوستو نه : منهنجي سوچ جي سهائي مطابق والدين قصور وار هر گز ناهن تعليم جي بنيادي تباهي غربت جي گنگه اونده ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهنگائي جي موج آهي. ڇو ته ٻار جي عمر سان گڏ ان جو ضرورتون وڌيڪ وجود ۾ اچن ٿيون پوء انهن وجودي ضرورتن جي واڳن کي مضبوطي سان ننڍڙا گلن جهڙا ٻار پنهنجن نازڪ هٿڙن سان پڪڙي پنهنجي اهل و عيال جو پيٽ پالڻ لاء دنيا جي در در جون ٺوڪرون کائيندي به والدين جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي سهارو بنيل آهن.

3: اڄ ڏينهن تائين گورنمنٽ اسڪولز ڳوٺن جون رونقون بڻيل آهن پوء چاهي اهي اوطاقن جي روپ ۾ يا زرعي ڀانڊن جي روپ ۾ ڇو نه هجن. ڪٿي هڪ اسڪول ۾ هڪ ڪمرو 170 کان 190 تائين ٻار ملندا ۽ استاد 1 يا 2 ۽ ڪٿي وري ٻار 5 کان 10 ۽ استاد 3 کان 4 ملندا. انهي سڄي عمل جو رد عمل مانيٽرنگ ٽيمز جي ڪوتاهين کي ڪوٺي سگهجي ٿو. يا ته اهي ڪنهن وسواري جي دٻاء جو شڪار بڻيل آهن اگر نه ته پو اهي پيسي جا پوجاري آهن يا پنهنجن دوستين ۽ رشتيدارين کي نڀائڻ ۾ مشغول آهن. پر افسوس صد افسوس هميشه تعليم جي تباهي جو ڪارڻ استاد ۽ والدين جي ڳاٽ ڳڻيو ٿو وڃي. پنهنجن قصورن جون ڪڙيون استاد ۽ والدين جي گلي جي رونق بڻائي پاڻ هڪ گرگٽ وانگر تعليم جي مختلف ٽارين تي ويهي وقت جي نزاڪت مطابق پنهنجا رنگ مٽائيندا رهندا آهن. ڇو ته دوستو اسان جي قوم استاد جي پهريئن اکر الف ۽ والدين جي پهريئن اکر واو کي اڃا تائين سمجهڻ کان محروم بڻيل آهي.
اگر واقعي سنڌي غيور قوم ، علم دوست ، قلم دوست ، ۽ عظيم نامزد اڳواڻ چاهين ٿا ته سنڌ جي تعليم کي تباهي جي تپش ۽ بربادي جي باه مان ٻاهر ڪڍي تعليم جي تارن جي سرن کي وادي مهراڻ جي رونق بنايو وڃي ته گورنمنٽ اسڪولن مان ڳوٺاڻي نظام کي ضبط ڪري، وڏير شاهي کان پاڪ ڪري ۽ وک وک تي اڏايل اسڪولن جو خاتمون آڻي هر هڪ ڪلو ميٽر نيم قطر ايراضي جي حساب سان اسڪول قائم ڪيا وڃن اهي تعليمي مڪتب زمين سميت گورنمنٽ جي پراپرٽي هجڻ سان گڏ عملي کي خودمختيار بنائڻ گهرجي.

4: پرائيويٽ اسڪولز مطلب 2 اکيائي نظام کي نيست ڪري غريب ٻارن جي دل شڪني کي مد نظر رکندي اعليٰ قسم جون سهولتون گورنمنٽ اسڪولز کي مهيا ڪيون وڃن ته جيئن امير کان امير ۽ غريب کان غريب ٻارن کي هڪ ريل گاڏي جا راهي بنائي سگهجن. اهڙو نظام ٻارن ۽ والدين جي حوصله افزائي ڪندو ۽ انهن جا اهي حوصلا هڪ ڏينهن انهن جي آڪاش تي اڏام جو سبب بڻندا.


5: باقي رهي ڳاله اين جي اوز جي جيڪي وطن ۾ تعليم جي نالي تي پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ اين جي اوز جو ٻيو نالو مفاد پرسيت ۽ ڪم ڪندڙن جو فوٽو گرافر هجڻ گهرجي ڇو ته تعليم جي نالي تي مختلف ٽريننگز ۾ استادن کي ٽريننگ نه پر صرف جمع ڪري چند عام ڳالهين ۾ مصروف ڪري فوٽو ڪڍندا رهندا آهن ۽ اهي ئي فوٽو انهن جي جيب جي جلال يعني پيسي ميڙڻ جو هڪ فوٽو گرافر جيئان انمول ذريعو آهن. جيڪو استاد پنهنجي 16 سالن جي تعليم مان پنهنجي استادن کان نه سکي سگهيو اهو 5 کان 7 ڏينهن ۾ ڇا سکندو؟ 

Written by Abu Bakar Usman Yousfani
Tags