The Struggle Of The Educational


هي ڏسو مستقبل جا معمار ۽ محنتي  پٽڙا تعلق ته هڪ غريب خاندان سان رکندڙ آهن پر تعليم سان ڪيڏي نه لگن آهي، هڪ ڪچري جي ڍير ڀرسان، پيرن اگهاڙا ۽ ڪپڙا ڦاٽل، پر هٿ ۾ قلم ۽ سليٽ اٿس. پنهنجو سبق ياد ڪندي ۽ لکندي اهو محسوس ڪرائي رهيا آهن. اگر اسان جي دل ۾ جستجو جو جذبو آهي ته تعليم جي تانگهه کي غربت ۽ حالات هر گز روڪي نٿا سگهن، اهڙا ڪئين ٻالڪ ڪٿي نه ڪٿي انهي جستجو جي راهن تي راهي هوندا پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جنهن نظام هيٺ اهي پنهنجو ساهه سيري رهيا آهن اهي نظام ڇا انهن کي انهن جي محنت جو سلو ڏيندا؟ يا اڄ جي نوجوانن وانگر انهن کي به تعليم هوندي ڌڪا، ٿاٻا ۽ ٺوڪرون نصيب ٿينديون ۽ نظامن ۾ اڃا به ويتر ناگوارا تبديليون آڻي، مشڪلاتن جي موجن ۾ غوطا ڏئي انهن جا احساس اڄ جي تعليم يافته نوجوانن جيئان مجروع ڪيا ويندا. ڇا اڃا به ميرٽ جي لتاڙ ڪري اسان جي نسلن کي پوئتي ڌڪيو ويندو؟ اڄ جيڪي خواب اهي ننڍڙا ٻالڪ پنهنجن کليل اکين سان ڏسن پيا اهڙا ئي خواب اڄ جي نوجوانن جي اکين جي رونق هئا. پر نظامن ۽ فيوريٽزم اهڙا ته نانگ بڇيا جو ڏنگي ڏنگي انهن ئي رونقن کي زهر بنائي ڇڏيو آهي هاڻي ته انهن کي حاصل ڪيل تعليم زهر ۽ ڊگري زهر جي پيالي ٿي لڳي. ڪئين نوجوان ڊگريون ڦاڙي هوٽلن، بسن ۽ ريڙهن تي ڪم پيا ڪن، اهي شخص پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ هر گز پسند نه ڪندا آهن، اهڙي طرح آهستي آهستي تعليم جهڙو تحفو احساسن جي مجروع ٿيڻ ڪري  ڏور ٿيندو پيو وڃي ۽ اها تعليم جي ڏورائي، بي شعوري جو روپ وٺي، ملڪ کي ترقي بجاءِ تنزلي ڏانهن ڌڪڻ جو سبب بنجي رهي آهي.   
ابوبڪر عثمان يوسفاڻي




Tags